ستن شهيدن جون قبرون

ستن شهيدن جون قبرون (ماڳ): هي قبرون ’ميان جا قبا‘ نالي تاريخي قبرستان لڳ دولتپور ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ موجود آهن. هي قبرستان ميان نور محمد ڪلهوڙي جي نسبت سان ’ميان جا قبا‘ نالي مشهور آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي هن قبرستان جي اتر ۾ ستن درويشن جون قبرون آهن، جن جي باري ۾ روايتون آهن ته اهي اچ جا درويش هئا ۽ جهانيان جهان گشت سان گڏجي، سيد سلطان شاهه بخاريءَ سان هم رڪاب ٿي، سنڌ ۾ آيا هئا. اهي درويش شهيد ٿيڻ کانپوءِ هن هنڌ تي دفن ٿيا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو